بيگم فقيرياڻي

بيگم فقيرياڻي

بيگم فقيرياڻي

بيگم فقيرياڻي: مائي بيگم فقيرياڻي روهڙي شهر جي فنڪار گهراڻي سان واسطو رکندي هئي ۽ سنڌ جي نامياري ڳائڻي هئي. سندس جنم 1915ع ۾ ٿيو. مائي بيگم کي ”ڀٽ ڌڻيءَ جي فقيرياڻي“ يا ”لطيف جي فقيرياڻي“ سڏيو ويندو آهي. اڪثر ڀٽ جي درگاهه تي ويندي رهندي هئي. انهيءَ محبت ۾ هن پنهنجو ڪلام پڻ چيو هو. سندس ڪي ڪافيون، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ڪافين جي ڪتاب ۾ شامل آهن. بيگم فقيرياڻيءَ مائي غلام فاطمه موچياڻيءَ جي هيءَ ڪافي ڪمال گائڪيءَ سان ڳائي هئي، جيڪا سندس سڃاڻپ بڻجي وئي:
’محبت وڌي آهيان مامري، نه ته ڪير ڪشالا ڪري!‘
بيگم فقيرياڻيءَ پنهنجو فني ورثو پنهنجي پٽ نامياري شاعر، استاد ۽ فنڪار درگاهي ميراڻيءَ ڏانهن منتقل ڪيو ۽ هن وقت سندس پوٽو اختر درگاهي نئين ٽهيءَ جو سٺو شاعر ۽ سريلو فنڪار آهي. بيگم فقيرياڻيءَ جي وفات 13 اپريل 1987ع ۾ ٿي.


لفظ بيگم فقيرياڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1915.00.00  عيسوي

بيگم فقيرياڻي: مائي بيگم فقيرياڻي روهڙي شهر جي فنڪار گهراڻي سان واسطو رکندي هئي ۽ سنڌ جي نامياري ڳائڻي هئي . سندس جنم 1915ع ۾ ٿيو .


1987.04.13  عيسوي

بيگم فقيرياڻيءَ جي وفات 13 اپريل 1987ع ۾ ٿي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سرائي قربان کهاوڙ
ساره انصاري ڊاڪٽر
خير محمد سومرو
راجو سمراٽ
مير بزرگ بکري
خانبهادر خير محمد چانڊيو
جهان بانو
ج ع منگهاڻي
صالح عباسي
زنگي خان ٽالپر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون